سوات(ويب ڊيسڪ) مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس مان ثابت ٿيو ته عمران خان جي ڪا حيثيت ناهي، نه کيس گهرايو نه هو آيو، ان مان ثابت ٿيو ته هن جي حڪومت کان اڳ به ڪا حيثيت نه هئي ۽ هاڻي به ڪجهه ناهي. هو ملڪي سياست جو غير ضروري حصو آهي ۽ هو آمريڪي تهذيب جو نمائندو آهي. سوات ۾ ڊگهي عرصي بعد پي ڊي ايم جي منعقد ڪيل جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته مان خيبرپختونخواه، سوات ۽ مينگوره جي عوام کي مبارڪ ڏيان ٿو، اڄ اوهان ثابت ڪيو آهي ته ملڪ ۾ آئيني حڪمراني وارو جذبو اڳي جيان زنده آهي. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت پاڪستان جي قوم کي غلام سمجهي مسلط ڪئي وئي آهي. اسانجي وڏڙن برطانوي سامراج خلاف جنگ ڪئي آهي هن گماشتي جي حڪومت قبول ناهي. مولانا چيو ته آمريڪا فصائي حدون استعمال ڪرڻ چاهيون جنهن جي اجازت تون ڏئي چڪو آهين، هوائي اڏا ته هنن گهريا ئي ناهن ته تون انڪار ڪيئن ڪيو؟ مولانا چيو ته عمران خان جي ناجائز حڪومت آهي، جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ۽ ادارن سندس تائيد جاري رکي ته پوءِ هو به هن غير آئيني حڪومت جي پشت پناهي جا مجرم هوندا. هن دعويٰ ڪئي ته 2013 ۾ هڪ وفد ساڻس مليو جنهن چيو ته پشتون علائقي ۾ مذهبي رجحان گهڻو آهي ان ڪري اسين هي خطو عمران جي حوالي ڪيو آهي جيئن هو مذهبي جڙون اکاڙي سگهي. مان واضح ٿو ڪريان ته اسانجي عالمن غربت هوندي به تنهنجا ڊالر ٿڏي ڇڏيا آهن. جلسي کي ميان شهباز شريف ۽ ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو.










