ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جيئي سنڌقومي محاذ طرفان ٽئين ڏينهن به اهتجھاجي مظاهرا ڪيا ويا. بحريا ٽائون ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ قيد قومي ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو ڪيو. ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاج ڪندڙن اڳواڻن آڪاش سنڌي حفيظ سنڌي امتيازباغي ساجدسنڌي والي ڏنو سنڌي ۽ ٻين چيو ته جسقم چئيرمين صنعان خان قوريشي امجدمهيسر ديدارشام اشرف ڪلهوڙو آصف مگسي سميت قومي ڪارڪنن جي آزادي ۽ ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن . ٽنڊو محمد خان ۾ به ٽئين ڏينهن لڳاتار احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جسقم اڳواڻن ظھور ھاليپوٽو ؛ عنايت ڪنڀار ۽ گلشير ڪولاچي ۽ ٻين ڪارڪنن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسين پرامن شھري آھيون احتجاج ڪرڻ اسان جو حق آھي سنڌ ڌرتي تي ڌارين جي والار خلاف اسين احتجاج ڪرڻ سان گڏوگڏ ھر فورم تي وڙھنداسين ۽ ڌارين کي سنڌ ڌرتي تي غاصبانه قبضه ڪرڻ ڪونه ڏينداسين.










