اپوزيشن وارا کٽ ۽ بسترا کڻي اجلاس ۾ پهچي ويا، هنگامو

اپوزيشن وارا کٽ ۽ بسترا کڻي اجلاس ۾ پهچي ويا، هنگامو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسمبلي جي اجلاس م اپوزيسن جو هنگامون، اپوزيشن وارا کٽ ۽ بسترا کڻي ايوان ۾ پهچي ويا ۽ چيو ته اسين هن کٽ تي جمهوريت جو جنازو کڻنداسين. اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ سميت پي ٽي آءِ وارن گوڙ ڪيو ته پيپلزپارٽي وارن تڪڙ ۾ بجيٽ پاس ڪري جمهوري روايت کي دفن ڪري ڇڏيو آهي. ان دوران اسپيڪر کين منع ڪئي ۽ اسٽاف کي حڪم ڏنو ته هنن کان کٽ کسي ايوان کان ٻاهر کڻي وڃو. ان دوران مڪيش چاولا ۽ ٻين حڪومتي ميمبرن اپوزيشن کان کٽ کسڻ جي ڪوشش کي ته ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ هڪٻئي ڌڪا ڌوڻا ڏنا. اپوزيشن جي دعويٰ آهي ته اسپيڪر کين ڳالهائڻ نٿو ڏئي. اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته مان ايوان اوهانجي ڊڪٽيشن تي نه هلائيندس، ايوان قانون ۽ رولز موجب هلندو. سنڌ اسمبلي ۾ اپوزيشن وارو جو گوڙ جاري رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو