گھوٽڪي (رپورٽ لالچند موٽواڻي)پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ضلعي گھوٽڪي جي صدر ميان عبدالمالڪ المعروف ميان مجن سائين تعلقه گھوٽڪي جي جنرل سيڪريٽري غازي صلاح الدين چنا سان گڏ ميرپور ماٿيلو ـ سرحد ـ ۽ گھوٽڪي پھچي ڳوٺ صوبدار کھاوڙ ۾ کھاوڙ برادري جي ماڻھن سان تعزيت ڪئي جنھن کان پو۽ گھوٽڪي شھر جي سول اسپتال ڪالوني ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ ناھيد حسين ملڪ جي والد جي وفات تي سندس ڀاء ھيبت حسين ملڪ ۽ وڏي پٽ نظير حسين ملڪ ـ ناھيد حسين ملڪ ـ سان تعزيت پڻ ڪئي ان موقعي تي ايس ٽي پي ضلعي جنرل سيڪريٽري خالد حسين لاکو ـ شاھنواز گھوٽو ـ سيد آصف علي شاھ ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا ٻئي طرف چنا پمپ لڳ ڳوٺ محمد ھاشم بھڻ پھچي محمد زمان بھڻ جي وڏي ڀاء جي وفات تي محمد زمان بھڻ ـ خان بھڻ ـ محمد حسين بھڻ ۽ ٻين سان تعزيت ڪئي جڏھن ته ڳوٺ تاج محمد رڪ ۾ فقير امان اللھ رڪ سان سندس ڀيڻ جي وفات تي تعزيت پڻ ڪئي ان موقعي تي فرمان علي رڪ رياض احمد رڪ ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.










