اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح ۾ ڪمي اچڻ لڳي آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن جي دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 3 سيڪڙو جي ويجهو اچي وئي، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 52 هزار 427 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان هڪ هزار 629 نوان ڪيسز سامهون آيا آهن، اين سي او سي موجب ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 76 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 21 هزار 265 ٿي ويو جڏهن ته ڪورونا ڪيسز جي مثبت شرح 3.10 سيڪڙو رهي..










