اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ملڪ ۾ ڪوروناوگهي وڌيڪ 80 مريص فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪورونا ڪيس ۾ مسلسل گهٽتائي ٿي رهي آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن تائين 2هزار کان گهٽ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ مطابق پاڪستان ۾ ، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 47هزار183 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1هزار843 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته وڌيڪ 80 مريض ڪورونا وگهي فوت ٿي ويا آهن. سرڪاري رپورٽ موجب ، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت واقعن جي شرح 3.90 سيڪڙو رهي.ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو ٽوٽل تعداد 20هزار930 ٿي چڪو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل انگ 9لک24هزار667 تائين پهچي چڪو آهي جڏهن ته 8لک48هزار685 ماڻهو ڪورانا کان صحتياب ٿي چڪا آهن.










