ڪنڌ ڪوٽ (غالب بلوچ) ڪنڌ ڪوٽ ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ قتل ٿيل چاچڙ برادري جي 10 ماڻھن جي بي گناھ مارجڻ تي سماجي اڳواڻ ام رباب چانڊيو ڳوٺ مينگل چاچڙ پھچي سندس وارثن سان تعزيت پڻ ڪئي . ان موقعي تي ام رباب ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اڄ ھڪ خاندان جا 10 ماڻھو بي گناھ قتل ڪرڻ دوران اھا سنڌ حڪومت جي ناڪامي آھي ۽ ماڻھو مارڻ کانسوا پيو ڪم نٿو ٿئي ۽ صرف ماڻھو ماريا پيا وڃن. ھن چيو ته سنڌ پوليس امن ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ثابت ٿي آھي .ھن چيو ته عدالتن ۽ قانون جو ڪو نالو به ڪونه آھي . ھن چيو ته سنڌ جي نياڻي آھيا جنھن ڪري ھتي پھتي آھيان جنھن انسان جي گھر جو قتل ٿيندو آھي اھا ھنن خاندانن کي خبر ھوندي آھي . ھن چيو ته خدا رحم ڪري قبيلائي جھيڙن جو خاتمو ڪري بي گناه انسان کي مارڻ کان بچايو وڃي . ھن چيو ته سردار اگر سچا آھن ته پوء اڳتي اچي اھم ڪردار ادا ڪري قبيلائي جھيڙا ختم ڪرائين۔










