ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌي جي وڏي وزير پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سنڌ اندر ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 13 ڄڻا فوت جڏهن ته 1هزار178 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. اهڙي ريت ڪورونا سبب فوتين جو انگ وڌي 4هزار658 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ ڪورونا مان وڌيڪ 4هزار181 مريض صحتياب ٿيا، جن جو ڪل انگ 2لک64هزار832 ٿي چڪو آهي. هن وقت 15هزار247 مريض علاج هيٺ آهن، 14هزار620 مريضن جو گهرن ۾ علاج ڪيو پيو وڃي ۽ 620 مختلف اسپتالن ۾ آهن. سنڌ جي وڏي وزير موجب 584 مريضن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي جڏهن ته 44 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.










