حڪومت پاران امتحان 15 جون تائين ملتوي ڪرڻ جو اعلان

حڪومت پاران امتحان 15 جون تائين ملتوي ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود ملڪ جَي سمورن تعليمي ادارن ۾ رٿيل امتحان 15 جُون تائين ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته  15 جُون تائين ڪنهن به قسم جا امتحان نه ٿيندا، او ليول جا امتحان آڪٽوبر ۾ ٿيندا، جن ٻارن جو تعليمي سال ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي، اُنهن لاءِ خصوصي امتحان جو فيصلو ٿيو آهي، خصوصي امتحان ۾ به امتحاني ڪمري ۾ 50 کان گهٽ ٻارن کي ويهاريو ويندو، هن چيو ته مئي جي ٽئين هفتي ۾ ٻيهر صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. شفقت محمود چيو ته نائين ، ڏهين ، يارهين ۽ ٻارهين جا امتحان جولاءِ ۽ آگسٽ تائين ٿي سگهن ٿا ۽ يونيورسٽين ۾ داخلائون جنوري تائين جاري رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو