لنڊن (م ڊ) ڪرڪٽ ورلڊ ڪپ 2019 شروع ٿي ويو آهي ۽ اڄ پهرين ميچ ميزبان انگلينڊ ۽ ڏکڻ افريقا وچ ۾ کيڏي پئي وڃي. سڀاڻي پاڪستان ۽ ويسٽ انديز ۾ مقابلو آهي. گذريل رات برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ ٻئي سمورين ٽيمن جي ڪپتانن جي مان ۾ دعوت ڪئي، جنهن ۾ سڀئي ڪپتان سوٽ بوٽ پائي آيا. تقريب ۾ قرعه اندازي ذريعي مليل دعوت ۾ 4 هزار ماڻهو شريڪ ٿيا.
















