اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان قوم کي خطاب ۾ چيو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) ۽ اسان جو مقصد ساڳيو آهي، رڳو طريقيڪار ۾ فرق آهي، اسان چاهيون ٿا ته ڪنهن به ملڪ ۾ اسان جي نبي صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ گستاخي نه ٿئي، اهو تڏهن ٿيندو جڏهن سمورا مسلمان ملڪ گڏجي اولهه جي ملڪ سان ان باري ۾ ڳالهائيندا ۽ کين قائل ڪندا. وزير اعظم چيو ته 1990 دوران سلمان رشدي ڪتاب لکيو جنهن تي پاڪستان ۾ شديد رد عمل ٿيو، سفارتخاني تي حملو ٿيو، ڪجهه ماڻهو فوت ٿيا، جنهن کانپوءِ گستاخي جو سلسلو شروع ٿيو. هر ڪجهه سالن کانپوءِ گستاخي ڪئي وڃي ٿي، پر ڇا فرانس جي سفير کي واپس موڪلڻ سان اهو سلسلو رڪجي ويندو، ان جي ڪهڙي گارنٽي آهي. وزير اعظم چيو ته 50 مسلمان ملڪ آهي، ڪٿي به مظاهرو ناهي ٿيو، نه ئي فرانس جي سفير کي واپس موڪلڻ جو مطالبو ٿيو. سفير واپس موڪلڻ جو مطلب يورپي يونين سان تعلقات ٽوڙڻ، اڌ ايڪسپورٽ ختم ٿي ويندي، رپيو ڪرندو، مهانگائي ۽ غربت وڌندي، نقصان اسان کي ٿيندو، فرانس کي ڪجهه نه ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته گذريل ٻن اڍائي مهينن کان تي ايل پي سان ڳالهيون جاري هيون، اسان اهو معاملو اسيمبلي ۾ به کڻي وڃي رهيا هئاسين پر هنن اڳ ۾ ئي احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان کانپوءِ ڳالهين جو سلسلو ختم ٿيو. ان بعد 40 پوليس جون گاڏيون ساڙيون ويون، خانگي ملڪيتن جو ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو، 4 پوليس اهلڪار شهيد، 800 زخمي ٿيا. ان دوران ٻاهران دشمن به ميدان ۾ اچي ويا. 380 انڊيا جا گروپ فيڪ نيوز هلائي رهيا هئا ته پاڪستان ۾ بغاوت ٿي وئي آهي. اپوزيشن پارٽيون به وچ ۾ پيون، جيڪي انتشار ڦهلائڻ لاءِ هنن سان ملي ويا. هن چيو ته اسان جي ايپروچ اها آهي ته 50 مسلمان ملڪ گڏجي اولهه جي ملڪن کي باور ڪرائين ته نبي جي شان ۾ گستاخي سان اسان کي تڪليف ٿئي ٿي، مان ذميواري کڻان ٿو ته ان مهم جي اڳواڻي ڪندس، قوم کي مايوس نه ڪندس، هڪ ڏينهن کين سمجهائي وٺندس. ياد رهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان لاهور سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪيو، لاهور ۾ ڊي ايس پي سميت پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن کي اغوا ڪيو پر تشدد واقعن ۾ 4 پوليس اهلڪار ۽ 3 ٽي ايل پي جا ڪارڪن مارجي ويا. حڪومت ۽ ٽي ايل پي ۾ ڳالهيون هلندڙ آهن رات 10 وڳي ٻيهر ڳالهيون ٿينديون. وزيراعظم چيو ته 4 لک ٽوئيٽس جو جائزو ورتو جن مان 70 سيڪڙو ڪوڙن اڪائونٽس تان ڪيون ويون رڳو حڪومت خلاف ماڻهن کي بغاوت لاءِ اڪسايو پئي ويو.
مشهور خبرون










