فيڪٽري مان برطرفي خلاف احتجاج، انصاف جو مطالبو

فيڪٽري مان برطرفي خلاف احتجاج، انصاف جو مطالبو

ڪراچي ( رپورٽ شهزادو مستوئي )ڪورنگي جي فيڪٽري انتظاميه طرفان نوڪري مان جبري نيڪالي ڏنل  پورهيت جو بحالي لاءِ سنڌ سجاڳي فورم مزدور فيڊريشن سميت مختلف ڌرين جو احتجاج ڪندي چيو ته پورهيتن جي حقن تي ڌاڙو ۽ پورهيت دشمن پاليسن کي ختم ڪري متاثر ورڪر اجمل بليدي کي بحال ڪيو وڃي. پورهيت اجمل بليدي پاران بحالي لاءِ  5 ڏينهن به هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي مهراڻ ميڊيا سينٽر آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو احتجاج  ۾ سنڌ سجاڳي فورم مزدور فيڊريشن سميت مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي. سنڌ سجاڳي فورم مزدور فيڊريشن جي ياسين جهلڻ . نديم احمد عبدالستار جتوئي مهتاب علي ۽ ٻين چيو ته  انتظاميه فيڪٽري انتظاميا ۽ ٺيڪيدار جون فيڪٽري ورڪرز سان ناجائزيون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهن. جيڪي بند نه ٿيون احتجاج جو دائرو وڌايوويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو