ڪوهاٽ ۾ ملڪيت جي تڪرار تان فائرنگ، چار ڄڻا قتل، ٽي زخمي

ڪوهاٽ ۾ ملڪيت جي تڪرار تان فائرنگ، چار ڄڻا قتل، ٽي زخمي

پشاور (ويب ڊيسڪ) ڪوهاٽ جي علائقي دره آدم خيل ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا قتل ۽ 3 زخمي ٿي پيا.پوليس موجب فائرنگ جو واقعو دره آدم خيل جي جابلو علائقي بوستي خيل ۾ پيش آيو جتي هڪ گروپ جي فائرنگ سبب 4 ڄڻا قتل ٿي ويا جڏهن ته ٻئي گروپ جي فائرنگ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.پوليس دره آدم خيل اسٽيشن ۾ واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي. اتان جي مقامي اختيارين جو چوڻ اهي ته ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڪجهه وقت کان زمين جي ملڪيت تي تڪرار هلي رهيو هو جنهن اڄ خوني شڪل اختيار ڪري ورتي.  مارجي ويلن ۾ هڪ پيءُ ۽ سندس 3 پٽ به شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو