رانا ثناءُالله خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪبو،فواد چوڌري

رانا ثناءُالله خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪبو،فواد چوڌري

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) حڪومت رانا ثناءُالله جي خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.ان سلسلي ۾ سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪنهن کي سرڪاري آفيسرن کي ڌمڪيون ڏيڻ جي اجازت نه ڏينداسين  ليگي اڳواڻ شدت پسندن واري زبان استعمال ڪئي ۽ سرڪاري آفيسرن کي ڌمڪيون ڏنيون. جنهن کان پوءِ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ان جي بيان تي ان خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. ڊي ايڇ ڪيو راولپنڊي جي دوري دوران صحافين سان ڳالهيون ڪندي  سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته حڪومت سٺي طريقي سان صورتحال تي قابو ڪيو.ٽي ايل پي تي پابندي حڪومت جو فيصلو آهي. پاڪستان جي رياست ڪمزور نه آهي. رياست جي رٽ کي چيلنج نٿو ڪري سگهجي. هاڻ تحريڪ لبيڪ ختم ٿي وئي آهي. مجبوري ۾ سوشل ميڊيا تي عارضي طور تي پابندي لڳائي وئي.فواد ڇوڌري وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي حڪومت پنهنجي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خاص طور تي چئني صوبن جي پوليس کي مبارڪباد پيش ڪري ٿي. جنهن هن فتني کي ناڪام بنايو. پاڪستان دنيا جو پنجون وڏو۽ ايٽمي طاقت وارو ملڪ آهي دنيا جي سپر پاور آمريڪا افغانستان ۾ فتحياب نه ٿي سگهيو پر پاڪستان اهڙن عنصرن کي شڪست ڏني جن جي خلاف آمريڪا به ڪجهه نه ڪري سگهيو. پاڪستان جي رياست ڪمزور ناهي. جيڪڏهن ڪنهن کي ان باري ۾ ڪوبه شڪ آهي ته ان کي ختم ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو