رمضان ۾مھانگائي غريبن جا لاھ ڪڍي ڇڏيا

رمضان ۾مھانگائي غريبن جا لاھ ڪڍي ڇڏيا

دڙو (ن سنڌ يار) دڙو ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ رمضان المباڪ جي آمد سان ئي مھانگائي جي طوفان غريبن جا لاھ ڪڍي ڇڏيا. ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي 30 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. سبزين، فروٽ، اٽي، مڇي، دالين، کاڄري آئل سميت ٻين کاڌي پيتي جي سمورين شين جا اگھ چوٽ چڙھيل مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء انتظاميا ڪي به قدم نه کنيا. شھرين ۽ سڄاڻ حلقن طرفان مھانگائي تي ڪنٽرول ڪري عوام کي رليف ڏيڻ جو مطالبو. رمضان المباڪ جي بابرڪت مھيني جي آمد سان گڏوگڏ سجاول ضلعي جي شھر دڙو ۽ ڀر پاسي جي ٻين ننڍن وڏن شھرن ۾ مھانگائي جو جن بوتل مان ٻاھر نڪري آيو آھي. شھر ۾ منافعي بخش واپارين کاڌي پيتي جو سامان زخيرو ڪرڻ سان گڏ مھانگائي چوٽ چاڙھي ڇڏي آھي. جنھن سبب ڏوھاڙي تي ڪم ڪندڙ پورھيت ۽ محنت ڪش طبقو عام روزمره جي استعمال واريون شيون خريد ڪرڻ کان محروم ٿي ويو آھي. گڏ ڪيل ڄاڻ موجب ٽماٽا، مرچ، گوشت، ڀينڊي، ڌاڻا، صوف، موسميون، ھنداڻون، گدرو، بصر، توريون، ليمان، گوبي، ڀاڄي، اٽو، عام کاڄرو آئل، دالين، ڪيلا، کنڊ سميت ٻين شين جا اگھه آسمان تي چوٽ چڙھيل ويا آھن. دڙو شھر ۾ رڪارڊ مھانگائي سبب عام غريب ماڻھو مڇي، گوشت ۽ مرغي خريد ڪري کائڻ جي سگھ ته اڳ ۾ وڃائي ويٺو آھي. پر ھاڻي سبزي خريد ڪرڻ کان پڻ قاصر بڻيل آھي. جڏھن ته کاڌي پيتي جي شين جي اگھن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء سجاول ضلعي جي انتظاميا توڙي اي سي ۽ مختيارڪار ميرپوربٺورو اڃا تائين ڪي به قدم ناھن کنيا. جنھن سبب رمضان شريف جي بابرڪت مھيني ۾ غريب ۽ مسڪين طبقو مھانگائي جي چڪيء ۾ پيسجي رھيو آھي. دڙو جي شھرين ۽ سڄاڻ حلقن اعجاز اختر ميمڻ، حافظ عبدالغفور ميمڻ، علي رضا ڪڇي، اقبال سومرو، جاويد ميمڻ ۽ ٻين وڌندڙ مھانگائي بابت ڳالھائيندي چيو ته رمضان شريف جي مھيني ۾ مھانگائي غريبن جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي. مھانگائي سبب واپارين کاڌي پيتي جي شين جا اگھه چوٽ چاڙھي ڇڏيا آھن. جنھن سبب عام غريب ۽ ڏھاڙي تي مزدوري ڪندڙ ماڻھو مھانگائي سبب ھاڻي ماني جي ڳڀي لاء واجھائي رھيو آھي. ھنن چيو ته ٻنون شھر ۾ قانون جي ڪابه عملداري ناھي. جنھن کي جيئن اچي ٿو اھو پنھنجي مرضي جا اگھ وٺي رھيو آھي. کاڌي پيتي جي شين تان وڌيڪ اگھ وٺندڙ واپارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاء ضلعي انتظاميا جو ڪوبه متحرڪ ڪردارا نظر نٿو اچي. ھنن چيو ته مھانگائي جي چڪيء ۾ پيڙھيل عام شھري اڳ ئي مڇي، گوشت ۽ مرغي خريد ڪري کائڻ کان پري ٿيل آھي. پر ھاڻي مھانگائي جي طوفان تباھي برپا سبب غريب ماڻھو ھاڻي سبزي خريد ڪري کائڻ جي حالت ۾ نه رھيو آھي. ھنن انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته ٻنون ۽ ڀرپاسي جي ٻين شھرن ۾ مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ھنگامي اپاء وٺي  غريب ماڻھن کي رليف ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو