عمران خان جي ڪرسي هاڻ ترين جي وس آهي،خاقان عباسي

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عمران خان جو ڪيس هاڻ جهانگير ترين جي هٿ ۾ آهي. وفاقي حڪومت 7 ووٽن جي برتري سان قائم آهي جڏهن ته ان کان وڌيڪ ميمبر ناراض اڳواڻ سان گڏ آهن.پنجاب حڪومت 8 يا 10 جي برتري سان قائم آهي جڏهن ته ان وٽ 30 کان وڌيڪ ايم پي ايز آهن. اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ڪالهه جهانگير ترين جي مانجهاندي ۾ 40 اسيمبلي ميمبرن شرڪت ڪئي. هنن جا وزير ۽ صلاحڪار کلي عام تنقيد ڪري رهيا آهن.  شاهد خاقان  عباسي چيو ته ايف بي آر جي ڇهين چيئرمين جي به مقرري ٿي وئي. جيڪو ادارو ملڪ لاءِ پئسا گڏ ڪندو آهي ان جي سربراهه جي عمر 5 مهينا آهي.ڪنهن کي به خبر ناهي ته ملڪ جو ناڻي وارو وزير ڪير آهي ۽ ڪم ڪير ڪري رهيو آهي. هن چيو ته روزاني بجلي، پيٽرول جون قيمتون وڌي وينديون آهن. جيڪو پهرين بجلي جو بل 2 هزار جو ايندو هو اڄ اهو 5 هزار تائين پهچي چڪو آهي جنهن جو ڪوبه جواب نه پيو ڏئي. وزيراعظم ڪڏهن به عام ماڻهو جي مسئلن تي ناهي ڳالهايو.

پهنجو تبصرو موڪليو