لاهور (ويب ڊيسڪ) کنڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ عدالت جهانگير ترين ۽ سندس پٽ علي ترين جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.لاهور جي بينڪنگ ڪورٽ جي جج امير محمد چوڌري کنڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ جهانگير ترين ۽ علي ترين جي عبوري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر دليلن ۾ چيو ته جهانگير ترين ۽ علي ترين جي عبوري ضمانت واري درخواست ۾ موجوده عدالت جو اختيار نٿو بڻجي. جهانگير ترين جي شوگرملز ۾ ملازمن جا اڪائونٽس، مني لانڊرنگ جي لاءِ استعمال ٿيا. ان موقعي تي جهانگير ترين جي وڪيل چيو ته اسان وڌيڪ ايندڙ هفتي ۾ ڪجهه دستاويز جاچ آفيسر کي ڏينداسين.عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ جهانگير ترين ۽ علي ترين جي عبوري ضمانت واري درخواست ۾ 17 اپريل تائين واڌ ڪندي عدالت جي اختيار بابت ايف آءِ اي ۽ ڌرين کان دليل طلب ڪري ورتا. جڏهن ته سيشن ڪوٽ ٻنهي جي عبوري ضمانت ۾ 22 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي.عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي جهانگير ترين سان گڏ قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ به شرڪت ڪئي. جڏهن ته ان موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي جهانگير ترين چيو ته منهنجي خلاف ٿيندڙ جاچ شفاف ناهي. ان ڪري جاچ جي لاءِ اڻڌري ڪميٽي ٺاهي وڃي.
معيشت جي بهتري لاءِ سياسي يا انتظامي دٻاءُ برداشت نه ڪبو
’سي سي آءِ‘ جي جوڙجڪ، ناڻي جو وزير آئوٽ، ڊار اِن
بيدردي سان قتل ٿيل نينگر جو لاش رکي ڌرڻو، وزير جو نوٽيس
خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جو اعلان
ڌاڙيلن خلاف غيرمعمولي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي
ايڪس صارفين لاءِ مشروط مفت سروسز جو اعلان
گلستان جوهر ۾ بخشاپور واسي نوجوان قتل
ملڪ جي آمدني کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان سيڙپڪاري بهتر ٿيندي
پنجاب ۾ ’نواز شريف هاري ڪارڊ‘ جاري ڪرڻ جي منظوري
بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتاني ڏيڻ جو فيصلو
احترام رمضان سبب شهيد ڀٽو جي ورسي وارو جلسو ملتوي
سينيٽ اليڪشن، پنجاب اسيمبلي پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل
مريم نواز کي پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ گهرجن
پرويز الاهي ۽ ٻيا جوابدار 4 اپريل تي فرد جرم لاءِ طلب
غزه ۾ خوراڪ جي اڻڄاتل سپلائي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جو حڪم
شاهه رخ ۽ مان هن نسل جا آخري اسٽار آهيون: ڪنگنا
پريا ڪماري آخر ڪڏھن آزادي ماڻيندي ؟
اڄوڪي-اخبار-2024-03-29
اڄوڪي-اخبار-2024-03-29
مداخلت برداشت نه ڪبي، عدليا جي آزادي تي سمجهوتو نه ڪنداسين