لال باغ لڳ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، 4 ڄڻا فوت

لال باغ لڳ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، 4 ڄڻا فوت

سيوهڻ (ن سنڌيار)جهانگارا روڊ تي لال باغ لڳ ڳوٺ شھپات رند سامهون ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾  ٻار ۽ عورت سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، فوتين ۾ ٻن ورهين جو آذان، 35 ورهين جي عائزا، مسعود چانڊيو ۽ سائينداد باريجو شامل آهن، حادثي بعد ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي ويو، پوليس ٽرڪ تحويل ۾ وٺي ڇڏي، ڳوٺاڻن ۽ پوليس ايمبولينس ذريعي لاش کڻائي اسپتال پهچايا.

پهنجو تبصرو موڪليو