اپوزيشن جي اختلافن جو فائدو عمران کي ٿيندو، بلاول

اپوزيشن جي اختلافن جو فائدو عمران کي ٿيندو، بلاول

خيرپور(رپورٽ سجاد علي ڪٻر) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جيلاني هائوس پهچي سيد قائم علي شاه ۽ نفيسا شاهه سان سندس ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي وفات تي تعزيت ڪئي ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان ڪنهن به فساد ۾ پوڻ نه ٿا چاهيون  اپوزيشن واري جهيڙي جو فائدو صرف  عمران خان کي ٿي رهيو آهي  هن اهڙو ظهار خيرپور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اپوزيشن کي گڏجي حڪومت کي نشانو بڻائڻ گهرجي هر موقعي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي پ پ پ جي ڪاميابي تي ن ليگ کي خوش ٿيڻ گهرجي  پر نون ليگ جي ڪجهه دوستن کي پيپلز پارٽي جي خوشي برداشت الائي ڇو نه ٿي ٿئي.

Bilawal condolence with Qaim Ali Shah

هن چيو ته هر وقت آر يا پار جي سياست نه هوندي آهي، هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ سکڻ گهرجي. اميد ته مولانا فضل الرحمان سينئر سياستدان آهي هو اپوزيشن جي اتحاد کي بچائيندو،  ملڪ ۾  مڪمل طرح شفاف اليڪشن چاهيون ٿا پي ٽي آءِ حڪومت ملڪ جي معاشي ترقي روڪي ڇڏي آهي هن وڌيڪ چيو ته معاشي خودمختياري تي حملو  ڪڏهن به برداشت نه ڪنداسين پاڪستان معاشي خودمختياري وڃائي چڪو آهي منافق وزيراعظم عمران خان ملڪ جا ادارا کپائي ڇڏيا آهن بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ڇا پاڪستان ۾ڪڏهن به اهڙو وزيراعظم نه رهيو آهي ڪمزور وزيراعظم جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن اسٽيٽ بينڪ بابت آرڊيننس جي مخالفت ڪريون ٿا  عمران خان اڃا تائين پارليامان کي استعمال به نه ڪيو، مڙهيل وزيراعظم ۾ ملڪ هلائڻ جي صلاحيت ناهي جو هو ملڪ هلائي رهيو آهي  پي ٽي آءِ  آء ايم ايف ڊيل جي مخالفت همشه ڪندا  رهنداسين 3 سال ٿي ويا آهن ڪنهن کي خبر ناهي ته وزيراعظم جي پاليسي ڪهڙي آهي ۽ هن ملڪ کي تباهه ڪيو ويو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو