ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر وچ ۾ اختلاف سامهون اچي ويا آهن، آءِ جي سنڌ پاران وفاقي سرڪار کي خط لکڻ تي وڏي وزير پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. وڏي وزير خط لکي کيس رولز ياد ڏياريندي چيو آهي ته وفاق يا ڪنهن صوبي کي سندس اجازت کانسواءِ خط نٿا لکي سگهو. سنڌ جي گهرو کاتي آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کي ناراضگي وارو خط موڪلي ڇڏيو، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر 30 مارچ تي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي خط لکي وفاقي سرڪار کي پسند نه ايندڙ آفيسرن جون خدمتون واپس وٺڻ جي سفارش ڪئي هئي.










