گڊو پاور هائوس ۾ باهه اهم رڪارڊ سڙي رک

گڊو پاور هائوس ۾ باهه اهم رڪارڊ سڙي رک

ڪشمور (رپورٽ جي ايم کوسو)گڊو پاور هائوس جي رڪارڊ روم ۾ اوچتو صبح جو باهه لڳي وئي، باهه لڳڻ ڪري آڊٽ روم جو سڄو رڪارڊ سڙي رک ٿي ويو. فائر برگيڊ جون ٻه گاڏيون باھ وسائڻ ۾ مصروف رهيون گهڻي دير کان پوء باهه تي ضابطو آندو ويو۔ ٻڌايو پيو وڃي ته گڊو پاور هائوس جي  آڊٽ روم ۾  اهم رڪارڊ رکيل هو۔ انتظاميه پاران ميڊيا کي ڪوريج کان روڪيو ويو۔ ياد رهي ته گذريل ٽن مهينن دوران پاور هائوس کي ڪيترائي دفعا باهه لڳي چڪي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو