ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صحت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته 13.5 ارب رپين سان شروع ٿيندڙ 141 ترقياتي اسڪيمن کي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن صحت جي بهتر سهولتن لاءِ صوبي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڪم شروع ڪري سگهجي. ڪورونا سبب مالي مسئلن باوجود سنڌ حڪومت صحت جي شعبي کي ترجيح ڏني آهي ته جيئن صوبي ۾ عوامي مفادن کي نظر ۾ رکندي جاري اسڪيمن کي مڪمل ڪري سگهجي. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير پاران سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ صحت کاتي جي ترقياتي منصوبن جي ڪمن بابت ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، پارلياماني سيڪريٽري صحت قاسم سراج سومرو، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ناڻي وارو سيڪريٽري حسن نقوي، صحت وارو سيڪريٽري ڪاظم جتوئي، ميمبر پي اينڊ ڊي فتح تنيو، ايس اي بلڊنگ ارشد ڀٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صحت کاتي جون 192 اسڪيمون آهن جنهن لاءِ 93273.567 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن جن مان 32886.737 ملين رپيا جون 2020 تائين استعمال ٿي چڪا آهن ۽ 60386.830 ملين رپيا ٿروفارورڊ لاءِ آهن. 192 اسڪيمن مان 141 جاري اسڪيمون جن لاءِ هلندڙ مالي سال ۾ 23500 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آھن ۽ 4566.766 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آھن جڏھن ته انهن جو 36.11 سيڪڙو يعني 1648.845 ملين رپين جو استعمال رڪارڊ ڪيو ويو آھي. 21-2020 ۾ 141 جاري اسڪيمن تي 13500 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن جڏهن ته 4565.954 ملين رپيا جاري ڪيا ويا ۽ انهن منصوبن تي 36.11 سيڪڙو يعني 1648.845 ملين رپيا استعمال ٿي چڪا آهن جئين ته سنڌ جي وڏي وزير جاري اسڪيمن جي مڪمل ٿيڻ تي ڌيان ڏنو آهي تنهن ڪري اڃا تائين 51 نئين اسڪيمن لاءِ ڪوبه فنڊ جاري ناهي ڪيو ويو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال جي آخر تائين 72 اسڪيمون مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. انهن مان ڪجهه هن ريت آهن. درگاه جڙال شاهه لاڙڪاڻو ۾ 21.986ملين رپين جي لاڳت سان ٿيليسميا ڊي ڪيئر سينٽر جو قيام، ڳوٺ ڪاريجها چانڊيو چانڊيو نوشهروفيروز ۾ 65.832 ملين رپين جي لاڳت سان آر ايڇ سي جو قيام، نوشهروفيروز ۾ 63.832 ملين رپين جي لاڳت سان بي ايڇ يو کان وٺي آر ايڇ سي ڦل جي اپگريڊيشن، ميرپورخاص ۾ 61.709 ملين رپين جي لاڳت سان بي ايڇ سي کان وٺي آر ايڇ سي فقير فيض ايم ٻيلالاڻي جي اپگريڊيشن، دادو ۾ 64.930 ملين روپين جي لاڳت سان بي ايڇ يو کان آر ايڇ سي واهي پانڌي جي اپگريڊيشن، ضلع ٿرپارڪر جي ڪانٽيو، امريو، وينجهنيري جي ٽن بي ايڇ سي کان آر ايڇ سي جي اپگريڊيشن، عمرڪوٽ جي جانهيرو، سامارو ۽ نيو ڇوڙ ۾ بي ايڇ سي جي آر ايڇ سي ۾ اپگريڊيشن، سکر ۾ 162 ملين رپين جي لاڳت سان چلڊرن هيلٿ ڪيئر انسٽيٽيوٽ جو قيام، لياقت يونيورسٽي اسپتال ڄامشورو ۾ ٻين ۾ ڄم ڪرائيندڙ ۽ ٻين جي صحت جي سارسنڀال جي مرڪزن جو قيام ۽ ٻيون اسڪيمون ايندڙ مالي سال ۾ مڪمل ڪيون وينديون جنهن ۾ سنڌ گورنمينٽ لياري جنرل اسپتال ۾ 25 بسترن تي ٻڌل ٽراما سينٽر جو قيام، قطر اسپتال اورنگي کي مستحڪم بڻائڻ، اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي ۾ گيسٽرو ان ٽيرولوجي اينڊ نيورو فيزياتري يونٽ اينڊ پيڊيارٽيڪ يونٽ قائم ڪرڻ شامل آهن. انهن ۾ لياقت يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد ۾ ڪارڊيوٿوراسڪ سرجري ڊپارٽمينٽ جو قيام، 50 بسترن تي ٻڌل ميڊيڪل اينڊ سرجيڪل آءِ سي يو جو قيام ۽ سي ايم سي لاڙڪاڻي ۾ حادثن ۽ او پي ڊي کي وڌائڻ شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيڪريٽري صحت ڪاظم جتوئي کي انهن 62 جاري اسڪيمن کي جلد مڪمل ڪرائڻ لاءِ ذاتي طور تي نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي.










