اسلام آباد( بيورو رپورٽ) ڪورونا ۾مبتلا وزيراعظم عمران خان قرنطينه ۾ هوندي اجلاس جي صدارت ڪرڻ سبب سوشل ميڊيا تي تنقيد هيٺ اچي ويو.گذريل ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس جي شيئر ڪئي هئي.ٽوئيٽر تي هڪ شخص شبلي فراز کي سڌيءَ ريت مخاطب ٿيندي چيو ته هن جو ٽوئيٽ سفاڪاڻو ۽ غيرذميواري وارو آهي.هڪ ٻئي صاحب لکيو ته عوام کي ڀاشا ڏيندڙ پاڻ به ايس او پيز تي عمل نٿا ڪن، جڏهن ته ڪنهن چيو جناب پريڊ ۾ نه ويو ته ڪورونا آهي پر پنهنجي ميڊيا ٽيم کي گهر تي ئي گهرائي ورتو.هڪ ٻئي صاحب حيرت جو اظهار ڪندي لکيو ته ان تصوير سان قوم کي ڪهڙو پيغام پيو ملي؟ اتي ئي ٻئي لکيو ته هيءَ تصوير تنقيد کي دعوت ڏئي رهي آهي.










