بدلين ۽ ٽن اسپتالن بابت وڏي وزير ۽ گورنر ۾ اختلاف برقرار

بدلين ۽ ٽن اسپتالن بابت وڏي وزير ۽ گورنر ۾ اختلاف برقرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ٽن وڏين اسپتالن جي ڪنٽرول توڙي آفيسرز جي بدلي لاءِ روٽيشن پاليسي تي وفاق ۽ سنڌ اختلاف کُلي سامهون اچي ويا، وڏي وزير چيو آهي ته جناح، اين آءِ سي ايڇ ۽ اين آءِ سي وي ڊي کي هلائڻ لاءِ وفاق طرفان بورڊ آف گورنرز جي جوڙجڪ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وزيراعظم پاڻ مڃيو هو ته اسلام آباد ۾ ويهي اسپتالن کي نٿو هلائي سگهجي، اسپتالن جو ڪنٽرول سنڀالڻ وارو طريقيڪار به پورو ناهي ٿيو، روٽيشن پاليسي تحت ڪنهن به صوبي ۾ ڪنهن به آفيسر جي مقرري يا بدلي وفاق ۽ صوبائي حڪومت جي مشاورت سان ڪئي ويندي آهي، وفاق کي خط لکي آگاهه ڪري ڇڌيو ته سنڌ ۾ ڪجهه آفيسرن جي ضرورت آهي، اُنهن جون خدمتون واپس نٿيون ڪري سگجهن. قائداعظم جي مزار تي صحافين سان ڳالهائيندي هن اهي ڳالهيون چيون. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته سپريم ڪورٽ واضح حڪم ڏنو ته ٽن وڏين اسپتالن جو ڪنٽرول وفاق کي ڏنو وڃي، اُن لاءِ اڻ ڌريو بورڊ جوڙي ميمبرز لاءِ صوبي کان به نالا گهريا ويا پر هنن ناهن ڏنا. هن چيو ته روٽيشن پاليسي رڳو سنڌ لاءِ نه پر سموري پاڪستان لاءِ آهي، کوڙ اهڙا آفيسر آهن، جيڪي 15 سالن کان هڪ صوبي ۾ ٽڪيا پيا آهن، اُنهن پنهنجا معاملا سَيٽ ڪري ورتا آهن، آفيسرز لاءِ روٽيشن پاليسي حتمي ناهي، اُن تي نظرثاني ڪري سگهجي ٿي ته جيئن معاملي صحيح نموني هلن.

پهنجو تبصرو موڪليو