ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ٽن وڏين اسپتالن کي بورڊ آف گورنرز ذريعي هلائڻ وارو وفاق جو فيصلو عدالتي حڪم جي خلاف ورزي آهي. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ان معاملي تي گهرايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته 2011 کان وٺي سنڌ حڪومت جناح اسپتال، اين آءِ سي وي ڊي ۽ ٻارن جي اسپتال جو خرچ برداشت ڪري رهي آهي. انهن اسپتالن ۾ سڄي ملڪ جا مريض مفت علاج جي سهولت حاصل ڪن ٿا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ان معاملي بابت سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کي خط لکي سمورو انتظام سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ لا ءِ چيو ويندو،.










