ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته آءِ جي سنڌ مشتاق مهر حليم عادل شيخ جي معاملي تي ظلم ڪيو.سنڌ جو آءِ جي جيڪڏهن پنهنجي ذميواري نڀائي ها ته مسئلو نه وڌي ها. اسان مجبور ٿي آءِ جي کي تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. گورنر هائوس ڪراچي ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل وڻڪاري مهم ۾ ٻوٽو لڳايو.تقريب دوران صحافين سان ڳالهين ۾ هن چيو ته سينيت چيئرمين جي چونڊ ۾ يوسف رضا گيلاني کي عدالتن مان ريليف نه ملندو. صادق سنجراڻي بطور چيئرمين سينيٽ پنهنجو مدو پورو ڪندو. سنڌ جي گورنر وڌيڪ چيو ته اسان مجبور ٿي سنڌ جي آءِ جي کي تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هو جيڪڏهن آءِ جي پنهنجون ذميواريون چڱي طريقي سان نڀائي ها ته صورتحال خراب نه ٿئي ها.هن وڌيڪ چيو ته اين اي 249 ۾ ٽڪيٽ ڏيڻ جو معاملو سياسي آهي. ان تي پارٽي طرفان جيڪو فيصلو ڪيو ويو ان کي قبول ڪنداسين.










