ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه وفاقي ڪابينا پاران ملڪ اندر رهندڙ افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري فيصلي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.ڪراچيءَ مان جاري ڪيل بيان ۾ سيد جلال محمود شاهه جو چوڻ هو ته وفاق پاران سنڌ سان هميشه ويساهه گهاتي ڪئي وئي آهي سنڌ جو عوام هميشه اهو مطالبو ڪندو رهيو آهي ته افغانين سميت سنڌ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ سمورن ڌارين کي فوري طور پنهنجي ڏيھ واپس موڪليو وڃي ڇو ته افغانين سميت سمورا غيرقانوني رهندڙ هتان جي وسيلن تي بار ۽ امن امان جي مسئلي ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن ۽ اهڙو فيصلو سپريم ڪورٽ پاران ڪراچي بدامني ڪيس ۾ پڻ آيل آهي پر وفاقي حڪومت پاران افغانين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ واري فيصلي تي حيرت ٿي آهي.سيد جلال محمود شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۾ وفاقي حڪومت سان گڏوگڏ پيپلزپارٽي جي سرڪار پڻ برابر جي شريڪ آهي جنهن جي مجرماڻي خاموشي، اقتدارجي حوس خاطر سنڌ جي قومي مفادن کي هميشه نيلام ڪيو آهي. سنڌ سرڪار اقتدار جي اعليٰ ايوانن ۽ سي سي آءِ ۾ افغانين سميت غيرقانوني طور رهندڙ ڌارين جي ڏيھ واپسي لاءِ ڪڏهن به آواز ناهي اٿاريو.ايس يو پي سربراهه وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي قيام کان وٺي هڪ منظم سازش تحت سنڌ اندر ڌارين جي آبادڪاري جاري آهي ڪڏهن افغانستان ۾ ويڙهه جو جواز ڄاڻائي، ڪڏهن ڪشمير جي حالتن جو حوالو ڏئي ته ڪڏهن مسلم امت جو حوالي ڏئي پر ان حقيقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته سنڌ اندر امن امان جي تباهه ٿيڻ جو هڪ وڏو سبب به اهي غيرقانوني ڌاريا آهن. پيپلزپارٽي جي سرڪار سنڌ جي اهڙي ڳنڀير اشو تي چپ جو روزو رکي ويٺي آهي سندس اها خاموشي سنڌ جي آئنده مستقبل لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندي. سيد جلال محمود شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ اندر رهندڙ افغانين سميت سمورن ڌارين کي جاري ڪيل سڃاڻپ ڪارڊ، ڊوميسائل فوري طور تي رد ڪيا وڃن ۽ کين فوري طور پنهنجي ڏيھ واپس موڪلڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.ٻئي طرف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري روشن علي ٻرڙو پڌرو ڪيو آهي ته پارٽي جي مرڪزي جنرل ڪائونسل جو اجلاس 20، 21 مارچ تي منجهند 3 وڳي سن ۾ منعقد ٿيندو، جنهن ۾ سموري سنڌ مان آيل نمائندا شرڪت ڪندا.










