اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) جنهن ملڪ ۾ ٿورا ماڻهو امير ۽ غريبن جو سمنڊ هجي اهو ملڪ محفوظ ناهي رهندو. اسان جو سڀني کان وڌيڪ ڌيان غريبن کي مٿي آڻڻ تي آهي. اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي ڊائيلاگ جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته نائن اليون کان پوءِ ملڪ وڏي پريشانين مان گذري رهيو آهي.سيڪيورٽي فورسز قرباني ڏئي اسان کي محفوظ بنايو. ملڪ ۾ نيشنل سيڪيورٽي تي ڊيبٽ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. نيشنل سيڪيورٽي جا حدف وڏا وسيع آهن. موسمي تبديلين تي پنج ڇهه سال اڳ ڪوبه نه ڳالهائيندو هو. اسان 10 بلين ٽري سونامي پروگرام جي شروعات ڪئي. بلين ٽري منصوبي ۽ احساس پروگرام کي عالمي موٽ ملي. عمران خان چيو ته غذائي تحفظ هڪ اهم مسئلو آهي جنهن کي سموري دنيا منهن ڏئي رهي آهي. قوم کي فوڊ سيڪيورٽي جي سوچ ئي ناهي رهي. پاڪستان ۾ فوڊ سيڪيورٽي لاءِ نيون پاليسيون آڻي رهيا آهيون. جنهن ملڪ ۾ ٿورا ماڻهو امير ۽ غريبن جو سمنڊ هجي اهو ملڪ محفوظ ناهي هوندو.غربت اسان جي لاءِ سڀني کان وڏو چيلنج آهي. غربت جي خاتمي جي حوالي سان چين جو ڪردار مثالي آهي. اسان جو سڀني کان وڌيڪ ڌيان غريبن کي مٿي آڻڻ ۽ عام ماڻهو کي غربت مان ڪڍڻ تي آهي. ڪرنسي ڪرندي آهي ته هر شيءَ تي اثر پوندو آهي، ان سان مهانگائي به وڌندي آهي. سماجي تحفظ يقيني بنائڻ لاءِ احساس پروگرام آندوسين ۽ هي پروگرام اسان جي حڪومت جو سڀني کان وڌيڪ شفاف منصوبو آهي. اڌ آبادي کان وڌيڪ کي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏيڻ تي غور ڪري رهيا آهيون.وزيراعظم چيو ته اسان افغانستان ۾ امن آڻن لاءِ ڪوشش ڪئي. بائيڊن انتظاميه به سمجهي ٿي جنگ وڌيڪ نه هلڻ گهرجي. پاڙيسري ملڪ سان لاڳاپا پرڏيهي پاليسي جو حصو آهي. علاقائي امن کان سواءِ پنهنجي جغرافيائي اهميت جو فائدو نٿو کڻي سگهجي. علاقائي امن جو سڀني کان وڌيڪ فائدو پاڪستان جو هوندو. ڀارت ڪشميرين کي پنهنجا حق ڏئي. ڪشميرين کي حق ڏيڻ سان ئي ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند آهي.










