ڪشمور (رپورٽ جي ايم کوسو) ڪشمور سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد عرفان جتوئي جي عدالت کان مٿانهين قتل ۽ ايس يو پي ڪوٽڙي جي ڪارڪن زاهد چنو جي گرفتاري خلاف ايس يو پي ڪارڪنن پاران مراد واه ايس ايس هوٽل کان ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڪشمور تائين احتجاجي مظاهرو ڪڍيو ويو. مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ عرفان جتوئي جي عدالت کان مٿاهين قتل ۽ زاهد چنو جي گرفتاري خلاف بئنر هيا. مظاهرين پريس ڪلب ڪشمور اڏو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻن چيو ته عرفان جتوئي کي کنڀي گم ڪرڻ کانپوءِ ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪرڻ انساني حقن جي لتاڙ آھي. هنن چيو ته عرفان جتوئي کي سوين شاگردن جي سامهون سنڌ يونيورسٽي انٽرنيشنل هاسٽل روم نمبر 22 تان کنڀڻ بعد ايس ايس پي عرفان سمون ڊرامائي انداز ۾ هڪ نوجوان کي قتل ڪيو آھي جيڪو عمل ايڪسٽرا جڊيشل ڪلنگ آھي جنهن جي اسان مذمت ڪيون ٿا هنن وڌيڪ چيو ته اگر عرفان جتوئي تي ڪي ڪيس هيا ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ها ملڪي قانون موجب ان کي سزا ڏيڻ ڪورٽن جو ڪم آھي جيڪڏهن پوليس ائين ماڻھن کي قتل ڪندي رهي ته پوء ملڪ اندر عدالتي نظام ڪهڙي مقصد لاء رائج آھي۔ هنن چيو ته سنڌ سرڪار پوليس کي بي لغام ڇڏي ڏنو آھي عرفان جتوئي بعد ڪوٽڙي مان ايس يو پي جي ڪارڪن زاهد چنو کي کنڀي گم ڪيو ويو آھي نه ڄاڻ اهو سلسلو ڪڏهن ختم ٿيندو تنهن ڪري اصل اقتدار ڌڻين کان گهر ڪيون ٿا ته سنڌ ۾ نوجوانن کي عدالت کان مٿانهين قتل وارن مامرن جو نوٽيس ورتو وڃي عرفان جتوئي جي عدالتن کان مٿانهين قتل ۾ ملوث عملدارن ڊي ايس پي نثار شاھ، ايس ايس پي عرفان سمون، رجسٽرار غلام محمد ڀٽو ۽ وي سي سنڌ يونيورسٽي ڊاڪٽر صديق ڪلهوڙو خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي. ۽ ڪوٽڙي مان گم ڪيل ايس يو پي ڪارڪن زاهد چنو کي آزاد ڪيو وڃي.










