ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت 50 ڪامورن ۽ استادن کي 19هين گريڊ ۾ ترقين جي منظوري ڏئي ڇڏي، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه جي سربراهي ۾ سليڪشن بورڊ 2 جي اجلاس دوران ڪامورن کي ترقين جي منظوري ڏني وئي، سروسز، مڪاني ادارن، معدني وسيلن ۽ قانون کاتي جي 27 ڪامورن کي ڊائريڪٽر ۽ ايڊيشنل سيڪريٽريز طور ترقي ڏيڻ جي منظوري، تعليم کاتي جي 23 ميل ۽ في ميل استادن کي 19هين گريڊ ۾ پرنسپال ۽ اسسٽنٽ پروفيسر طور ترقين جي منظوري ڏني وئي، زراعت، ايڪسائيز ۽ صحت کاتي جي ڪامورن توڙي ڊاڪٽرز کي ترقي ڏيڻ وارو مامرو ملتوي، سروسز کاتي ۾ پي ايس ايس ڪيڊر جا ڪامورا ترقين کان رهجي ويا.










