ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي لياري ۾ هاءِ روف گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ چيني شهري سوڌو 2 ڄڻا زخمي، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪمبيلا مارڪيٽ ۾ هٿياربند چيني شهري جي هاءِ روف گاڏي تي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا، فائرنگ ۾ چيني شهري جيڪسن ۽ هڪ ڊرائيور زخمي ٿي پيا، واقعي بعد پوليس ۽ رينجرز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، واقعي جي جاچ جاري.










