ڪشمور(رپورٽ جي ايم کوسو ) گڊو ۾ عورت پاران اسسٽنٽ ڪمشنر ڪشمور مٿان مبينا زيادتي جو الزام هڻي ڇڏيو گڊو جي شهنشاھ پاڙي جي رهواسڻ مسمات شاهينه الزام لڳائيندي چيو ته هڪ هفتو اڳ اسسٽنٽ ڪشمنر ڪشمور اياز احمد سومرو پنهنجي ڊرائيور معرفت مونسان فون تي ڳالهائي دوستي رکڻ جي شرط تي گهر نه ڊاهڻ جو يقين ڏياريو. سندس ڊرائيور سرڪاري گاڏي تي مونکي سندس واپڊا ڪالوني گڊو واري بنگلي تي وٺي ويو جتي مونسان زيادتي ڪيائين ۽ مونکي يقين ڏياريائين ته آبپاشي جي بندن تي هلندڙ آپريشن دؤران منهنجو گهر نه ڊاٿو ويندو. اڄ پاڻ آپريشن ۾ موجود به ناهي ۽ منهنجو گهر به ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي. مون وٽ سندس ڪال رڪارڊنگ ۽ سرڪاري ڪار ۾ ويهڻ جي ويڊيو به موجود آهي. عورت چيو ته غريب آهيان ٻچن جي اجهي خاطر پنهنجي لڄ به وڃائي آهي ۽ گهر به ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي. هوڏانهن اسسٽنٽ ڪمشنر ڪشمور اياز احمد سومرو کان سندس مؤقف معلوم ڪرڻ لاءِ بار بار فون ڪرڻ ۽ ميسيج ڪرڻ باوجود ساڻس رابطو نه ٿي سگهيو.










