ڪنڌڪوٽ(ن سنڌيار) گھوٽڪي جي ڪچي واري علائقي مان ڪوئيٽا واسي سيد اسماعيل نور ۽ ياسين شاھ سميت ٽي ڄڻا عورتاڻي آواز تي ھرکجي ڪچي واري علائقي مان اغوا ٿي ويا. ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ جو چوڻ آهي ته ڪشمور ضلعي ۾ اغوا ڪارن جي چوڪسي سخت ڪرڻ ۽ کين ناڪام بڻائڻ بعد ڏوھارين گھوٽڪي ضلعي جي ڪچي مان اغوا جون وارداتون ڪن ٿا، هن چيو آهي ته بلوچستان جي شھر ڪوئيٽا مان 3 ڄڻن کي عورتاڻي آواز تي ھرکائي اغوا ڪري گھوٽڪي جي ڪچي طرف نيو ويو آهي، ھڪ ڪار جي نشاندهي ٿي آهي جيڪا گھوٽڪي جي ڪچي طرف ويندڙ رستي تان ملي آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.










