ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سنڌ مان ٽن ايم پي ايز جي گم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان، فردوس شميم ۽ ٻين پريس ڪانفرنس الزام هنيو آهي ته سنڌ مان ٽن ايم پي ايز کي اغوا ڪيو ويو آهي، جن جا گهر ڀاتي سخت پريشان آهن. جن ۾ ڪريم بخش گبول، اسلم ابڙو ۽ شهريار شر شامل آهن. هنن چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ ڪريم بخش گبول کان به زبردستي بيان ڏياريو ويو آهي، هنن چيو ته ٽنهي ايم پي ايز جي آخري لوڪيشن ڊفينس هئي، ڪريم بخش گبول تي به دٻاءَ وڌو ويو، خبر ناهي ته اهو به هاڻي ڪٿي آهي، واقعي بابت پوليس کي اطلاع ڏنو ويو آهي. هوڏانهن پي ٽي آءِ جي ايم پي اي ڪريم بخش گبول پارٽي اميدوارن کي ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان ڪرڻ بابت ويڊيو پيغام جاري ڪيو آهي. هن چيو ته اغوا ناهيان ٿيو، خيريت سان آهيان ۽ ووٽ ڏيڻ 3 مارچ تي اسمبلي ايندس. وڊيو پيغام ۾ سندس چوڻ آهي ته پارٽي پئسن تي ٽڪيٽ ڏنا آهن، آئون پي ٽي آءِ جي سينيٽ اميدوارن کي ووٽ نه ڏيندس. ٻئي پاسي شهريار خان شر چيو آهي ته ٽن سالن کان پي ٽي آءِ قيادت کي منٿون ڪيون ته فنڊ ڏيو لکين ووٽر آهن هو ترقياتي ڪم گهرن ٿا پر ڪنهن به اسانجي دانهن نه ٻڌي، هاڻي سينيٽ ۾ اميدوارن بابت مشورو به نه ڪيو ويو، سينيٽ چونڊ ۾ ڪهڙي منهن سان ووٽ گهرن ٿا. اسين پنهنجي مرضي سان ووٽ ڏينداسين. هوڏانهن ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي کي ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم رابطه ڪاميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽ جو ووٽ حفيظ شيخ کي ڏيڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم پي پي کي خاموش ۽ ڳجهي نموني حمايت جو يقين ڏياريو آهي.










