ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايس ايس پي ڪراچي اولهه سهائي عزيز منشيات سمگلنگ ۾ ملوث صوبائي گينگ جي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي. اولهه پوليس بلوچستان مان آيل چرس جي باري ۾ ڳجهي اطلاع تي ايس ايچ او سرجاني لياري سيڪٽر 51 جي ويجهو هڪ آپريشن ڪيو ۽ ملزمن کي 3 ڪلو چرس سوڌو گرفتار ڪيو ويو.گرفتار ملزم عادي مجرم آهن ۽ منشيات جي سامان جي فراهمي / وڪرو ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪيترائي ڀيرا جيل ڪاٽي آيل آهن. ملزمن خلاف ڪيس داخلي ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي. گرفتار جوابدارن ۾ محمد بشير عرف پٺاڻ پٽ محبوب خان ۽ سهاگ بنگالي ولد مير جان شامل آهن.










