ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جِي صدارت هيٺ جاري، ننڍي چونڊ دوران ڪامياب ٿيل پيپلز پارٽي جَي ٻن نون ميمبرز ڄام شبير ۽ يوسف بلوچ عهدي جو قسم کڻي ورتو، اسپيڪر آغا سراج دراني ٻنهي ميمبرز کي سنڌي ۾ حلف کڻايو. اسپيڪر آغا سراج دراني پاران ماسڪ استعمال نه ڪندڙ ميمبرز کي وارننگ ڏني وئي آهي. ياد رهي ته مختلف ڪيسن ۾ گرفتار اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ويا هئا.
