نيب پراسيڪيوٽر جي عدالت پاران ڇنڊ بعد معافي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ طرفان سنڌ جي سياحت کاتي ۾ غيرقانوني ٺيڪن واري ڪيس تي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر جي جواب تي ڪاوڙ جو اظهار، عدالت جوابدار عبدالمجيد سومرو جي ضمانت درخواست رد ڪري ڇڏي، کيس اسلام آباد بدران ڪراچي ۾ گرفتار ڪرڻ جو حڪم، ٻڌڻي دوران جسٽس منيب اختر پُڇيو ته ڇا نيب ٺيڪن تي ڪم جي حوالي سان سي ڊي ڏٺي آهي؟ نيب پراسيڪيوٽر چيو ته سي ڊي جي باري ۾ جاچ آفيسر کان پڇو، جسٽس منيب اختر نيب پراسيڪيوٽر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته توهان عدالت ۾ ڪهڙي طريقي سان پيا ڳالهايو؟ جاچ آفيسر کان ڇو، نيب چيئرمين کي گهرائي پڇي ٿا وٺون، توهان کي عدالت ۾ ائين ڳالهائڻ جي همت ڪيئن ٿي؟ شرمسار آهيان جو توهان جهڙي وڪيل سان ڳالهائڻو پئجي رهيو آهي، نيب پراسيڪيوٽر پنهنجي اڍنگي رويي سان ڳالهائڻ تي عدالت کان معذرت ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو