آر او 14پاران فارمز ۾ نتيجا تبديل ڪرڻ جو اقرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ۾ سيالڪوٽ جي قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 75 تي ننڍي چونڊ دوران پولنگ عملو غائب ٿيڻ واري معاملي تي  ٻڌڻي دوران رٽرننگ آفيسر پيش، اليڪشن ڪميشن آڏو بيان ڏيندي رٽرننگ آفيسر چيو آهي ته پولنگ کانپوءِ رات جو 2 وڳي تائين 360 مان 305 پولنگ اسٽيشنز جا نتيجا اچي ويا هئا، 20 پولنگ اسٽيشنز جا نتيجا دير جو شڪار ٿيا، ڪيتري ئي دير تائين ڪوششن باوجود لاڳاپيل پولنگ اسٽيشنز جي پرزائيڊنگ آفيسرز سان رابطو نه ٿي سگهيو هو، پرزائيڊنگ آفيسرز کي بيان ڏيڻ لاءِ ٻيهر طلب ڪيو پر اُهي پيش نه ٿيا، 7 کان 8 پرزائيڊنگ آفيسرز لکت ۾ بيان ڏئي ڇڏيو آهي، پولنگ جي ڏينهن ٿيل فائرنگ بعد ووٽرز جو ٽرن آئوٽ گهٽجي ويو هو. ٻئي پاسي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته رٽرننگ آفيسر طرفان پيش ڪيل 14 فارمز ۾ ردوبدل ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن آڏو آر او اعتراف ڪيو ته پي ٽي آءِ جي اثر وارن علائقن ۾ پولنگ عملو اغوا ٿيو هو، هاڻي وري پي ٽي آءِ اُميدوار چوي ٿو ته اليڪشن ڪميشن ڦيرڦار ٿيل نتيجن کي تسليم ڪري، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سموري قوم جون نظرون اليڪشن ڪميشن تي آهن، اليڪشن ڪميشن اهڙو فيصلو ڏئي جو هر اليڪشن لاءِ مثال بڻجي وڃي، پي ٽي آءِ پولنگ کي تڪراري بڻائڻ لاءِ سازش ڪئي هئي، نواز ليگ اُميدوار نوشين افتخار چيو آهي ته چونڊن دوران امن امان تي ڌيان ڏيڻ بدران پولنگ کي سست ڪرڻ جي ڪم ۾ لڳي وئي، پوليس سندس چادر ڇڪي ۽ ڏنڊا به هنيا، ڊي ايس پي گولي هڻڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، اُميد آهي ته اين اي 75 جي ووٽرز جي جنگ ۾ ڪاميابي ملندي..

پهنجو تبصرو موڪليو