عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪولمبو پهچي ويو

ڪولمبو(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي دوري تي سريلنڪا جي گادي واري شهر ڪولمبو پهچي ويو آهي. سريلنڪا جي وزيراعظم مهيندرا راجا پاڪسا جي دعوت تي هو سريلنڪا جي پهرين دوري تي پهتو آهي. وزيراعظم کي ريڊ ڪارپيٽ ويلڪم ڏنو ويو، توپن جي سلامي ۽ گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو. ائر پورٽ تي ٿيل تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا به وڄايا ويا. ٽيسڪٽائيل سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ تجارتي فروغ لاءِ معاهدا به ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو