سينيٽ جي 48 سيٽن لاءِ 148 اميدوارن جا فارم منظور

سينيٽ جي 48 سيٽن لاءِ 148 اميدوارن جا فارم منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) سينيٽ چونڊن لاءِ نامزدگي فارمز جي ڇنڊڇاڻ مڪمل ڪري ورتي آهي. سينيٽ جي 48 سيٽن لاءِ 148 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن، اليڪشن ڪميشن موجب جنرل سيٽس لاءِ 87 مان 77، ٽيڪنوڪريٽس جي 33 مان 20، عورتن جي سيٽس لاءِ 40 مان 34 ۽ اقليتن جي سيٽس تي 10 اُميدوارن جا ڪاغذ منظور ٿيا آهن، اسلام آباد جي 6 جنرل سيٽس مان 5 ۽ عورتن جي سيٽس تي 4 اُميدوارن جا ڪاغذ درست قرارڏنا ويا آهن. اميدوار نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اليڪشن ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي. 24 فيبروري تي اُميدوارن جي حتمي فهرست جاري ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو