ٽنڊو محمد خان )مظفر علي بروهي(ملاڪاتيار ٿاڻي جي حد ۾ رات دير سان علي پور روڊ تي سيد شهريار شاه جي مڇيء جي راهين ڍنڍ مان چوري مڇي ماريندڙ ڳوٺ بادو ملاح ڪلر پور جا رهواسي ٻه سڳا ڀائر مير محمد ملاح ۽ رسول بخش ملاح بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويا ٻنهي فوتين جا لاش ٽنڊو محمد خان اسپتال منتقل ڪيا ويا جتان ضروري ڪاروائي بعد فوتين جا مڙھ وارثن حوالي ڪيا ويا فوتين جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام متل هو هوڏانهن مڇي جي فارمن جي مالڪ شھريار شاه رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون فارم مقاطي ۾ ڏئي ڇڏيو آھي جڏھن حيسڪو وارن ٺيڪيدار کان پئيسا وٺي کين غير قانوني ڪنڍي ڪنيڪشن ڏنو آھي جنهن مان ٻنهي ڀائرن کي ڪرنٽ لڳو ۽ هو فوت ٿي ويا ٻي پاسي ڳوٺاڻن پڻ اهو ٻڌايو ته اسان حيسڪو وارن کي منع ڪئي ته اهو ڪنيڪشن نه ڏيو جنهن جي تار لڙڪي رهي آھي ۽ اسان جي ڌنارن ۽ چوپائي مال کي نقصان رسندو پر هنن اسان جي هڪ به نه ٻڌي ڳري منٿلي عيوض کين ڪنڍي لڳائي ڏني آھي جيڪا موت جو راڪاس بڻيل آھي.ٺيڪدا غلام مصطفي بليدي جو موقف هن ريت آهي مڇي جي ڪاروبار ۾ منهنجو ڀائيوار نديم گورڙ حيسڪو وارن ملي تار لڳرائي هئي ته راهين ڍنڍ جي مالڪ سيد شهريار شاه اسان کي جنوري تائين ڍنڍ ڏيڻ جواب ڏيئي ڇڏيو ان کان پوء ڍنڍ مڇي جو ٻج پيل ان تي چوڪيدار رمضان ملاح ۽ سليمان خاصخيلي رکيل آهن۔ايس ٽي اڳواڻ تعلقه بلڙي شاه ڪريم محمد بچل سٺيو چيو ته حيسڪو جي نااهلي ۽ رشوت خوري جي ڪري اهڙا وقعا ٿي رهيا آهن ان جي روڪٿام نه ٿي ته چوپايو مال ۽ انساني زندگيون خطري هيٺ آهي فوري طور انتظاميه کي نوٽيس وٺي انساني زندگيون بچايون وڃن۔










