نوشھروفيروز(ڊر) اسٽوڊنٽس ويلفيئر آرگنائيزيشن جي تعاون سان ڳوٺ کاھي ممن ۾ مفت ھيپاٽائيٽس ڪئمپ لڳائي ويئي جنھن ۾ مريضن جي ھيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي اسڪريننگ ۽ ويڪسين ڪئي ويئي ڪئمپ جي اڳواڻن صفدر عباس عرفان رضا ذين علي عديل احمد ۽ ٻين چيو ته اسان ڳوٺ وارن کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ اڳواٽ احتياطي تدابير اپنائڻ ۽ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ مختلف ڪئمپون لڳرائي رھيا آھن ڇوته ماضيءَ ۾ جڏھن صحت کاتي وٽ ھيپاٽائٽس جو ڪو پروگرام ئي نه ھو ان وقت اسان جي ڳوٺ ۾ ھيپاٽائٽس جا ڪيترائي ڪيس سامھون آيا ھئا جن جي خاتمي لاءِ اسان پنھنجي مدد پاڻ تحت سڄي ڳوٺ جي اسڪريننگ ۽ ويڪسين ڪرائي ھئي پر ھاڻي صحت کاتي وٽ ھيپاٽائٽس جو پروگرام موجود آھي انڪري ھن ڀيري ڳوٺ واسين جي حفاظت لاء ھيءَ ڪئمپ لڳرائي رھيا آھيون جنھن ۾ صحت کاتو نوشھرو فيروز پڻ ڀرپور سھڪار ڪري رھيو آھي جنھن ۾ ڊي ايڇ او نوشھرو فيروز ڊاڪٽر سڪندر علي ڪلھوڙو ڊاڪٽر خادم حسين مڱريو ڊاڪٽر نور حسين مُورو جو وڏو ڪردار آھي اڳواڻن چيو ته اسان جي ڪوشش آھي ته اسان پنھنجي ڳوٺ توڙي علائقي کي وبائي بيمارين کان بچايون جيڪڏهن ھر ماڻھو پنھنجي زندگيءَ جي حفاظت ڪندو تہ پورو معاشرو بيمارين کان محفوظ ٿي ويندو.










