بچاءَ بند جو ڪم بند، هزارين حياتيون داءَ تي لڳل

بچاءَ بند جو ڪم بند، هزارين حياتيون داءَ تي لڳل

ٺٽو (جاويد لطيف ميمڻ)سامونڊي پٽي ڳاڙھو شھر سان لڳ مختلف ڳوٺن  محمد علي شولاڻي عيسا رجيرو بلوچ ،محمد حسن ماڇي ،سومار شولاڻي،ڳوٺ محمد صديق شولاڻي، حاجي امام بخش شولاڻي، سليمان شولاڻي، الهڏنو شولاڻي، امين جت، ميرمحمد جت ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن کي سمنڊ جي خطرناڪ لهرن کان بچائڻ لاء ڏنل بچاء بند جو ڪم ڪافي عرصي کان رولڙي جو شڪار آھي جڏھن تـ چار ڪلو ميٽر جي بند جو ڪم صرف هڪ ڪلو ميٽير تائين ڪري ٺيڪيدار ۽ ٻيا وس وارا پئسا هڙپ ڪري هليا ويا جڏھن تـ بچاء بند جي حالت انتهائي خطرناڪ صورتحال تائين خراب ٿي چڪي آھي جنھن جي ڪري هزارين رهواسين جون زندگيو داءَتي لڳل آھن علائقي واسين ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو عثمان تنوير ۽ ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري ايم اين اي شمس النساء ميمڻ پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي جي صدر صادق ميمڻ کان مطالبو ڪيو آھي تـ بند جو رھيل ڪم مڪمل ڪرائي هزارين انسانن جانور سميت سندن هزارين ايڪڙ زمين ۽ مال کي سمنڊ کان بچايو وڃي ۽ ڪم اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي ويندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو