اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم عمران خان، بلوچستان، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سينيٽ اميدوارن جِي نامزدگي تي اعتراضن بعد نظرثاني جو فيصلو ڪري ورتو، پي ٽي آءِ جَي پارلياماني بورڊ جَي اجلاس ۾ سينيٽ اميدوارن جِي نامزدگي بابت اُٿاريل اعتراضن تي مشاورت مڪمل، 24ڪلاڪن اندر اهم فيصلن جو امڪان آهي، وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته پارٽي ڪارڪنن جَي خواهشن جو احترام آهي، ڪنهن به پيرا شوٽر کي سينيٽر نه بڻائينداسين.










