وٽنري شاگردن جو پنجاب برابر سهولتن لاءِ احتجاج

وٽنري شاگردن جو پنجاب برابر سهولتن لاءِ احتجاج

جوهي (رپوٽ منصور گاڏهي)وٽنري جي شاگردن طرفان هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  ساجد حسين لغاري, اياز علي,  امجد علي سولنگي دانيال ٻٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري دادو جوهي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب ۾ وٽنري شاگردن کي هائوس جاب تحت انڪم سان گڏ آخري سڄو سال گورنمينٽ پرائيويٽ سيڪٽرز جي پريڪٽس سان گڏ انهن کي ريسرچ جا موقعا پڻ فراهم ڪيا پيا وڃن ٿا پر  سنڌ جي وٽنري جي شاگردن لاء حڪومت سنڌ طرفان ڪو به مستقل بنيادي حل ۽ حقن لاء ڪو به اعلان ناهي ڪيو ويو. انهن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت  وٽنري ڊاڪٽرن جي شاگردن کي ڄاڻي واڻي حقن کان محروم رکيو پيو وڃي جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هنن سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي لائيو اسٽاڪ کاتي جي وزير عبدالباري پتافي  سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان پرزور گهر ڪئي ته پنجاب جي شاگردن جيان سنڌ جي وٽنري شاگردن کي هائوس جاب تحت سندن حق ڏنو وڃي ته جيئن ته مستقبل ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ اڳڀرائي لاء هٿي وٺرائي سندن سان انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو