سکر (بيورو رپورٽ) سيپڪو اسِپيشل ٽاسڪ فورس ڪارروائي ڪندي بجلي چوري ۾ ملوث هجڻ جي الزام هيٺ سيپڪو ملازمن کي معطل ڪري ڇڏيو، سکر، لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ۾ بجلي چوري ۾ ملوث سيپڪو ملازم ئي نڪتا، جن ۾ هڪ لائن سپرنٽنڊنٽ، 5 لائن مين ۽ هڪ ميٽر ريڊر شامل آهي، جن کي معطل ڪيو ويو آهي. انچارج ٽاسڪ فورس عقيل جوڻيجو جو چوڻ آهي ته پنو عاقل ۾ پيپلز پارٽي اڳواڻ علي گوهر انڍڙ به بجلي چوري ۾ملوث آهي، بجلي چورن تي 10 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي، هن چيو ته ٽرانسفارمر لاهي بجلي لائن ڪاٽي ڇڏي، لاڙڪاڻي جي معطل ملازمن ۾ سپرنٽنڊنٽ عاشق عباسي، لائن مين شفيع چانڊيو ۽ لائن مين سجاد جمالي شامل آهي. هن چيو آهي ته شڪارپور مان معطل ڪيل ملازمن ۾ ايل ايم لياقت چانگ، ايل ايم جاويد کوهارو، ميٽر ريڊر حاڪم مهر ۽ نويد سومرو شامل آهن، جڏهن ته سکر مان معطل ڪيلن ۾ ميٽر ريڊر نعيم ۽ هڪ لائن مين شامل آهي. عقيل جوڻيجو جو چوڻ آهي ته ملازم بجلي چوري ۾ ملوث نڪتا ته سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.










