اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 40 ماڻهو فوت، هڪ هزار 8 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيلن جو انگ 12 هزار 66 ۽ متاثرن جو انگ 5 لک 56 هزار 519 ٿي ويو، ڪورونا جي فعال ڪيسز جو انگ 31 هزار 510 ٿي ويو.










