ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان نيوي ‘امن 21’ نالي جنگي مشق شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ دنيا جي 45 ملڪن جا فوجي وفد شريڪ آهن. پاڪستان جي فِليٽ ڪمانڊر ريئر ايڊمرل نويد اشرف ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هن مشق جو نعرو آهي ‘امن لاءِ گڏجو’. هن ٻڌايو ته هي ستين مشق آهي جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جا جٿا مشق دوران سرچ ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ حصو وٺندا ۽ هڪٻئي جي مهارت ۽ تجربن مان سکندا، سمنڊ اندر توڙي ڪناري تي مختلف مرحلن ۾ مشقون ٿينديون.










