جهمپير لڳ قبضي خلاف ڪاروائي چوديواري پَٽِ

جهمپير لڳ قبضي خلاف ڪاروائي چوديواري پَٽِ

ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ)ٺٽي جي ڪوهستاني علائقي جهمپير ويجهو بااثر شخصيت پاران ڪرايل قبضي وارو مامرو، ميڊيا تي خبرون اچڻ بعد انتظاميه حرڪت ۾ اچي ويئي، آپريشن شروع ڪندي اڏاوتون ڊاٺيون پيون وڃن. اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو ۽ مختيارڪار ٺٽو جي اڳواڻي ۾ روينيو ۽ انڪروچمينٽ پوليس جي ڪارروائي جاري، ٺٽي ۽ ڄامشوري پوليس کان به مدد حاصل ڪري ڪوهستاني زمين تي ٿيل والار ۽ ڏنل ديوار ڊاهي قبضو ڇڏايو ويو، ٺٽي جي بااثر شخصيت پاران ديهه ڪوهستان 7 ڀاڱي 1 ۾ 35 سئو ايڪڙ ايراضي زمين بااثر بلڊر مافيا کي وڪرو ڪئي ويئي هئي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊي سي ٺٽو محمد عثمان تنوير ٻڌايو تہ مذڪوره والاريل زمين تي غير قانوني طور هائوسنگ اسڪيم جي نالي تي اڏاوت ڪئي پئي ويئي، جنھن خلاف ڪارروائي جاري آھي، ھن چيو تہ  2006ع کان وٺي تپو جهمپير جي ڪوهستاني زمين جو روينيو رڪارڊ سيل ٿيل آهي، زمينن جي داخلا توڙي وڪري جو عمل غير قانوني آهي، جن خلاف سخت ڪارروائي جاري رکي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو