اسلام آباد (بيو رو رپورٽ) پاڪستان جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. سڄي ملڪ ۾ عام موڪل آهي.ڪشمير جي ڏهاڙي واري جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري، مذهبي تنظيمن طرفان ڪشميري مسلمانن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ جلسا، جلوس ۽ ريليون ڪڍيون پيون وڃن. ڀارتي ظلم جو شڪار ڪشميري ڀائرن سان پاڪستان سوڌو سڄي دنيا ۾ ٻڌي جي اظهار جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليز ۽ مظاهرن دوران ڪشمري ڀائرن سان ٻڌي جو اظهار، سکر، ڪنڌڪوٽ، ڄام نواز علي، خانپور مهر، ٻانڌي، ڪوٽڙي ۽ نصير آباد ريليز توڙي مظاهرن ۾ ٻارن جي شرڪت، صدر عارف علوي طرفان آزاد ڪشميري جي قانونساز اسيمبلي جي ڪارروائي ۾ شرڪت، صدر طرفان ڀارتي ظلم جو شڪار ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي جو اظهار، وزيراعظم عمران خان ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي جي اظهار لاءِ اڄ ڪوٽلي پهچندو. اپوزيشن جي اتحاد پي ڊي ايم پاران به ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ مظفرآباد ۾ ريلي ڪڍي پئي وڃي.










